ظفر حسن مرزا

ظفر حسن مرزا

ظفر حسن مرزا جسٽس

ظفر حسن مرزا، جسٽس: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جسٽس ۽ نامياري قانوندان جسٽس ظفر حسين مرزا 9 آڪٽوبر 1926ع ڌاري ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس خانداني شجرو مڃيل سنڌي عالم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ سان ملي ٿو. سندس والد مرزا علي نواز بيگ برطانوي راڄ دوران سکر جو ڊٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مقبول ليکڪ ۽ شاعر پڻ هو. هن ابتدائي تعليم نور محمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد مان، انٽر ايس ايم آرٽس ڪاليج، حيدرآباد مان ۽ 1953ع ڌاري حيدرآباد لا ڪاليج مان وڪالت (LLB) جي ڊگري ورتي ۽ بحيثيت وڪيل پنهنجي عملي زندگي جو آغاز ڪيائين. 1960ع ۾ سول جج مقرر ٿيو، جنهن بعد 01 آڪٽوبر 1975ع تي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. ضياءَالحق جي آمريتي دور ۾ پي سي او تحت حلف کڻندڙ ۽ 1973ع واري آئين کي منسوخ ڪندڙ ججن ۾ ظفر حسين مرزا به شامل هو. 4 آگسٽ 1981ع سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس جي عهدي تي فائز رهيو. ان کانسواءِ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ چيئرمين جي عهدي تي به خدمتون انجام ڏنائين ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ بحيثيت جج رهڻ سان گڏ سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل به رهيو. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ 2002ع ۾ ٿيل عام چونڊن کان اڳ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي لاءِ نامزد ڪيل شخصيتن جي فهرست ۾ شامل رهيو. ازدواجيءَ زندگي جي حوالي سان هن ٻه شاديون ڪيون، سندس پهرين گهرواري افروز بيگم مان کيس چئن ٻارن ۽ ٻي گهرواري بلقيس بيگم مان ٻن ٻارن جو اولاد ٿيو. سندس هڪ فرزند ذوالفقار مرزا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ گهرو کاتي جو وزير رهيو، جڏهن ته سندس ننهن فهميدا مرزا (ذوالفقار مرزا جي گهرواري) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي عهدي تي فائز ٿي. پهرين سنڌي خاتون اسپيڪر هجڻ جو اعزاز ماڻيو. تازو سندس پوٽو حسنين مرزا به سياست ۾ سرگرم آهي، هن، 27 آگسٽ 2015ع، تي 88 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.10.09  عيسوي

قانوندان جسٽس ظفر حسين مرزا 9 آڪٽوبر 1926ع ڌاري ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


1975.10.01  عيسوي

جسٽس ظفر حسين مرزا 01 آڪٽوبر 1975ع تي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو.


1981.08.04  عيسوي

ظفر حسين مرزا 4 آگسٽ 1981ع سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس جي عهدي تي فائز رهيو.


2015.08.27  عيسوي

ظفر حسين مرزا 27 آگسٽ 2015ع، تي 88 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آئن اسٽائن البرٽ
پال سيزان
پاپائيت
آشا چاند
بدر سومرو
حڪيم خدا بخش خان ڌاريجو
خواجه فريدالدين ’عطار‘
پير بهاءُ الدين بها سرهندي
جعفر طيار عليه السّلام
خواجه احمد دمائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون